چوراسيا، هري پرساد

چوراسيا، هري پرساد

چوراسيا هري پرساد

چوراسيا، هري پرساد: هندستان جو مشهور ڪلاسيڪل بانسري نواز هري پرساد چوراسيا، اتر پرديش صوبي جي شهر الهه آباد ۾، پهرين جولاءِ 1938ع تي ڄائو. هن جو پيءُ ڪُشتيءَ جو وڏو رانديگر هو. هن ڳائڻ جي تربيت 15 سالن جي عمر ۾ پنهنجي پاڙيسري گائڪ پنڊت راج رام کان ورتي. ان کانپوءِ جلد ئي بانسري سکڻ لاءِ پنڊت ڀولاناٿ پراسانا جي شاگرديءَ ۾ آيو. وڌيڪ سکڻ لاءِ وقت جي وڏي پنڊت بابا علاؤالدين جي ڌيءُ اناپورنا ديويءَ کان راڳ جون رمزون سکيائين. ڪُـشـتـيءَ هـن جـي ڦـڦـڙن کـي ڪـافي سگهه ڏني. ان ڪري اُن فن هن جي بانسريءَ جي وڄت ۾ وڏي مدد ڪئي. ترت آل انڊيا ريڊيو تي بانسري وڄائڻ لڳو. هن پنهنجي وڄت جي خاص انداز سان جلد مقبوليت ماڻي ورتي ۽ هندي فلمن ۾ بانسري وڄائڻ لڳو. ترت شِو ڪمار شرما جي نظر مٿس پئي، جنهن کيس پاڻ سان گڏ بانسري وڄائڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي گڏجي ’شِو- هري‘ نالي ميوزڪ گروپ جوڙيو ۽ دنيا ڀر ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لڳا. هن ڪيترين هندي فلمن لاءِ به موسيقي ترتيب ڏني آهي. کيس پـهريـون اوارڊ، سـنگيـت نـاٽـڪ اڪيڊمـيءَ پاران 1984ع ۾ مليـو. ان کان پـوءِ کيـس ڪونـارڪ سنمـان اوارڊ (1992ع)، پدم ڀوشن اوارڊ (1992ع)، يش ڀارتي سنمان اوارڊ (1994ع)، پدم ورڀوشن اوارڊ (2000ع)، حافظ علي خان اوارڊ (2000ع)، ديناناٿ منگريشڪر اوارڊ (2000ع)، پوني پنڊت اوارڊ (2008ع) ۽ نيشنل اميننس اوارڊ، جيڪو ويساکا ميوزڪ ۽ ڊانس اڪيڊميءَ طرفان (2009ع) مليا. هري پرساد جي فن ۽ شخصيت تي هيٺيان ڪتاب لکيا ويا آهن:
(1) ’ووڊ وائينڊس آف چينج‘: سورتسنگهه (2008ع)، (2) ’هري پرساد چوراسيا اينڊ دي آرٽ آف امپرو وائيزيشن‘: هينري ٽورنيئر (2009ع).
1967ع کان هيل تائين هن جي ترتيب ڏنل موسيقيءَ خاص طور بانسريءَ جا 150 کان مٿي البم رليز ٿي چڪا آهن. هري پرساد، شو ڪمار شرما سان هندستاني فلمن: ’چاندني‘، ’ڊر‘، ’لمحي‘، ’سلسلا‘، ’فاصلي‘، ’وجئه‘ ۽ ’صاحبان‘ سميت ڪجهه تيليگو فلمن جي موسيقيءَ به ڪمپوز ڪئي. ڪاظمي ميثاق جي انگريزي فلم ’سڪس ڊيز اِن افغانستان‘ جي به موسيقي هن جي ترتيب ڏنل آهي. هري پرساد هن وقت دهليءَ ۾ رهي ٿو. سندس بانسريءَ جي فن جو سنڌ جي موجوده بانسري نوازن تي وڏو اثر آهي ۽ سنڌ اندر موسيقيءَ جي شائقن وٽ سندس آڊيو ڪئسيٽون موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.07.01  عيسوي

هندستان جو مشهور ڪلاسيڪل بانسري نواز هري پرساد چوراسيا، اتر پرديش صوبي جي شهر الهه آباد ۾، پهرين جولاءِ 1938ع تي ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شفيع محمد ميان حڪيم
بخشل باغي
ابڙو شمس الدين
مقبول احمد شيخ
حامد علي ميمڻ ماستر
عبدالرزاق سومرو شهيد
خانچند درياڻي
يارو فقيرريڍار
جيجي زرينه بلوچ
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون